پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ بدترين هيٽ ويو جو خدشو

ڪراچي(م ڊ) موسميات ماهرن خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بدترين هيٽ ويو جو خدشو آهي، پرڏيهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب امڪاني هيٽ ويو سان هزارين انساني جانيون وڃي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اپريل ۾ گرمي جو درجو 40 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو، اڃا وڌيڪ گرمي اچڻ جو امڪان آهي، جنهن جو بزرگ نشانو بڻجي سگهن ٿا، ارٿ سائنسز بابت ڀارتي وزير جو چوڻ آهي ته 1980ع کانپوءِ ڀارت ۾ هيٽ ويو سبب فوتگين ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي.

هنزه ۾گليشيئر پگهرجڻ سبب تاريخي پل ٽٽي پئي

حسن آباد (م ڊ) هنزه جي علائقي حسن آباد ۾ گليشيئر پگهرجڻ سان تاريخي پل ٽٽي پئي، ڪيترائي خاندان بي گهر ٿي ويا.رپورٽ موجب  گلگت-بلتستان ۾ شيشپر گليشيئر تي ٺهيل ڍنڍ ۾ٻوڏ واري صورتحال سبب گلگت ۽ هنزه کي پاڻ ۾ ملائيندڙ حسن آباد پل پاڻي جو دٻاءُ برداشت نه ڪرڻ سبب ٽٽي پئي، جنهن کان پوءِ شاهراهه قراقرم ٽرئفڪ لاءِ بند ٿي چڪي آهي.هنزه جي ڊي سي عثمان علي موجب پاڻي جي سطح ۾ لاڳيتي چاڙهه ۽ دٻاءَ سبب شاهراهه قراقرم کان آبادي کي ملائيندڙ حسن آباد پل ڪري پئي، جڏهن ته شاهراهه قراقرم جو اڌ ڪلوميٽر جو حصو به متاثر ٿيو آهي.هن ٻڌايو ته حسن آباد ۾ خطري سبب ڪيترن ئي گهراڻن کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي.

گرمي جي لهر هفتو جاري رهندي، دادو ۾ پورهيت فوت

ڪراچي/ دادو(رپورٽر) سنڌ ۾ گرمي جي شدت وڌي وئي، دادا ۾ گرمي جي سٽ نه سهندي پورهيت هاري فوت ٿي ويو، موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ گرمي جي لهر وڌي وئي آهي، جيڪا هڪ هفتي تائين جاري رهندي، ڪالهه دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ضلعن ۾ گرمي جو درجو 46 کان 48 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪجهه ضلعا 11 کان 15 مئي دوران گرمي جي لهر ۾ ايندا، ڪراچي ۾ آچر تي گرمي پد 35 کان 37 ۽ سومر تي 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.