ايف آءِ اي پيڪا سيڪشن 20 جي خاتمي خلاف پٽيشن داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) ايف آءِ اي پروينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز(پيڪا) ترميمي آرڊيننس جو سيڪشن 20 کي غيرقانوني ڏيڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، ايف آءِ اي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪنهن قانوني جواز کان بغير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايف يو جي کي رليف ڏنو ۽ آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي غلط تشريح ڪئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا جي سيڪشن 20 کي بغير ڪنهن قانوني جواز جي غيرفعال ڪيو جنهن جي ڪري قانون ٽوڙيندڙن کي قانون جي ڀڃڪڙي جي هُشي ملندي،ايف آءِ اي سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي آهي ته 8 اپريل 2022ع تي ٻڌايل اسلام آبادهاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.