پنهنجا ڪپڙا کپائي به عوام کي سستو اٽو ڏيندس، عمران ڪارڪردگي تي نٿو ڳالهائي: وزيراعظم

شانگلا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن عوام کي سستو اٽو نه مليو ته مان پنهنجا ڪپڙا کپائي عوام کي سستو اٽو ڏيندس.شانگلا جي علائقي بشام ۾ جلسي سان خطاب ڪندي شهباز شريف اتي ميڊيڪل ڪاليج ٺاهڻ جي اعلان سان گڏوگڏ بشام کي 2 ارب گرانٽ ڏيڻ ۽ پوران گرڊ اسٽيشن 3 مهينن ۾ ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو. هن ملڪ ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اٽي جي جيتري قيمت ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پنجاب ۾ هوندي، ايتري ئي خيبر پختونخواهه ۾ به هوندي.سندس چوڻ هو ته مان خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير کي درخواست ڪندس ته صوبي ۾ عوام کي ايتري ئي قيمت تي اٽو ڏيو، جيتري قيمت تي پنجاب ۾ آهي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته مان پنهنجا ڪپڙا کپائيندس ۽ عوام کي اٽو فراهم ڪندس.وزيراعظم چيو ته ڪي پي ۾ ايترو عرصو تحريڪ انصاف جي حڪومت رهي، ڪيتريون اسپتالون ٺهيون؟ غداري ۽ حب الوطني جا سرٽيفڪيٽ ورهايا پيا وڃن، عمران خان پنهنجي تقريرن ۾ چئن سالن جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ناهي ڪندو.شهباز شريف چيو ته ڪيستائين اسان ڪستو کڻي گهمنداسين، پننداسين، ڪستو کڻي گهمڻ سان عزت ناهي ملندي، 75 سال گذري ويا، روئڻ پٽڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، محنت ڪرڻ سان اسان جي پنڻ جي عادت ختم ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.