پ پ گورنر شپ تان هٿ کڻي وئي، رڳو وزارتن جي خواهش

لاهور(م ڊ) پ پ پنجاب ۾ گورنر شپ واري عهدي تان هٿ کڻي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي وفد جي پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ ۾ پاور شيئرنگ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي، پ پ پنجاب ۾ 3 وزارتون، 3 کان وڌيڪ خاص صلاحڪار جا عهدا گهري ورتا. قائمه ڪميٽي جي چيئرمين شپ ۽ 2 پارلياماني سيڪريٽري جا عهدا به طلب ڪيا ويا آهن. پيپلز پارٽي اهم ادارن ۽ ڪارپوريشنز ۾ اهم مقررين جو به مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزيرحمزه شهباز طرفان وفد کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ويو آهي. پنجاب جي ترقي لاءِ ٻنهي پارٽين جو ملي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، پ پ جي پارلياماني اڳواڻ حسن مرتضيٰ کي سينئر وزير بنائڻ جو امڪان آهي. امڪاني وزيرن ۾ حيدر گيلاني، سيد عثمان، ممتاز علي چانگ شامل آهن. جڏهن ته شازيه عابد، غضنفر عباس گنگا، رئيس نبيل به عهدن جي ڊوڙ ۾ شامل آهي. پ پ پنجاب جي اطلاعات سيڪريٽري شهزاد چيمه کي خاص مددگار بنائڻ جو امڪان آهي. پاور شيئرنگ فارمولي تي (ن) ليگ جي اعليٰ قيادت سان صلاح مشورا ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.