پنجاب جي اسپيڪر شپ لاءِ اسان جي ڪابه ڊمانڊ ناهي: يوسف رضا گيلاني

لاهور(م ڊ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته تحريڪ انصاف چونڊ اصطلاحن سبب ڪنهن به معاملي تي ڳالهه ٻولهه نه ڪندي هئي، ڪوشش ڪنداسين ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي آن بورڊ وٺون اهڙو اظهار هن حمزه شهباز سان ملاقات کانپوءِ هتي پ پ سينٽرل سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ ۾ خاطري ڪرائي هئي ته چونڊ سڌارن کان فورن بعد اليڪشن ڪرائينداسين. هن چيو ته پنجاب جي اسپيڪر شپ لاءِ اسان جي ڪابه ڊمانڊ ناهي، اسان پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز کي مبارڪباد ڏيڻ آيا هئاسين، هوڏانهن  آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته پنجاب جي گورنر جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. گورنر معاملن ۾ بگاڙ پيدا ڪيو آهي، آئينده اسان کي گڏجي هلڻو آهي ان تي حمزه شهباز سان مشاورت ڪئي وئي. ڇنڇر ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته وفاق وانگر پنجاب ۾ به صلاح مشوري سان هلنداسين، وزارتن جو معاملو ڪو وڏو مسئلو ناهي، اڃا ڪو فيصلو ناهي ڪيو. پ پ ڪو وڏو مطالبو نه پئي رکي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.