پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي 30 هزار 369 فوتگيون تصديق ٿيل

اسلام آباد (م ڊ) صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ جي ردعمل ۾ قومي وزارت صحت واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب ٿيل موت تصديق ٿيل ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهن، اضافي فوتگين جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.وزارت صحت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته ڪورونا فوتگيون  تصديق ٿيل آهن، ان ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي.بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب ٿيل فوتگين کي پهرين ضلعي پوءِ صوبائي سطح تي تصديق ڪيو ويو جڏهن ته قبرستانن مان به رڪارڊ حاصل ڪيو ويو.وزارت صحت جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب ٿيل فوتگيون حڪومت  طرفان ٻڌايل ۽ تصديق ڪيل انگ اکر جيترا يا ان جي ويجهو آهن، اضافي فوتگين جو امڪان ناهي.پاڪستان ۾ حڪومتي انگ اکرن موجب ڪورونا جي شروعات سان ڪالهه 7 مئي  جي شام تائين ملڪ ۾ فوتگين جو انگ 30 هزار 369 هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.