پي ايم سي حقن تي ڌاڙو آهي، صحت ڪارڊ ختم نه ڪنداسين: قادر پٽيل

ڪراچي /حب (رپورٽر + ن ع آ) صحت واري وفاقي وزير قادر پٽيل چيو آهي ته اسان جي ٻن چئلينجز مان هڪ پي ايم سي آهي، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي جاءِ تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن ٺاهي وئي، پر ان ۾ سنڌ کي نمائندگي نه ڏني وئي، ايم ڊي ڪيٽ امتحان هڪ ادارو وٺندو، هڪ لک 95 هزار اميدوار آن لائن امتحان ڏيندا، انهن جو سيڪڙو به وڌيڪ آهي، ان سسٽم ۾ خرابي آهي، جنهن تي نظرثاني ڪئي ويندي، ان لاءِ نون ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سميت اتحادين سان ڳالهائينداسين، پي ايم سي سان ننڍن صوبن ۽ شاگردن لاءِ مونجهارا آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ايم سي سان هڪ مخصوص طبقي کي نوازڻ جي جهلڪ نظر اچي ٿي، جن ماڻهن کي ٽيسٽنگ جي منظوري ڏني وئي انهن کي تجربو به ناهي، ان ڪري ان ۾ ترميم جي ضرورت آهي، ان لاءِ صوبن ۽ اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهائينداسين، هن چيو ته صحت ڪارڊ پروگرام کي بند نه پيا ڪريون پر ان ۾ خاميون آهن، هي ڪارڊ انهن کي به جاري ٿيا آهن، جيڪي مهانگين اسپتالن ۾ پاڻ علاج ڪرائي سگهن ٿا، هن پروگرام جا 100 سيڪڙو پئسا صوبا ڏين ٿا، وفاق صرف انشورنس ڪرائي ٿو، دوائن جا اگهه وڌائڻ جو معاملو سامهون آيو پر مون منع ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.