مهانگائي خلاف احتجاج ڪندڙ پاڻ مهانگائي پيا ڪن: سردار عبدالرحيم

ڪراچي(رپورٽر) جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم  وفاقي حڪومت طرفان ڪراچي ۾ بجلي قيمتن ۾ اضافيجي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪجهه هفتا اڳ مهانگائي خلاف احتجاج ڪندڙ پاڻ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري رهيا آهن، هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته يوٽلٽي اسٽورن تان کاڌي پيتي جي شين تان سبسڊي ختم ڪري غريب عوام کي وڌيڪ مهانگائي ۾ ڌڪيو ويو آهي، هن چيو ته هڪ طرف ڪاروباري سرگرميون مفلوج آهن ته ٻئي طرف کاڌي پيتي  جي شين جا اگه وڌڻ ڪري عوام ٻٽي عذاب ۾  اچي ويو آهي، رڳو بجلي اگهه وڌڻ سان ڪراچي جي عوام تي هڪ ارب 58 ڪروڙ رپين جو ٻوجه پوندو،  جيڪو ناقابل برداشت آهي، هن چيو ته ڪراچي جي مفادن جو سودو ڪري وزارتون وٺندڙ به اقتدار خاطر ڪراچي واسين سان ظلم تي خاموش آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.