دعا زهرا جي شاديءَ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي ڪوشش

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان گهران نڪري پنجاب ۾پسند جو پرڻو ڪندڙ نينگري دعا زهرا جي گهر وارن سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. نينگريءَ جي درخواستگذار پيءُ سيد مهدي علي ڪاظمي پنهنجي موقف ۾ چيو ته هن جي ڌيءُ دعا زهرا ۽ ظهير احمد 17 اپريل تي شادي ڪئي، جيڪا غيرقانوني قرار ڏني وڃي، ڌيءُ کي اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪيس اڻ ڃائل ماڻهو تي داخل ڪيو ويو آهي، جاچ آفيسر ڪيس جو اڃا تائين چالان پيش نه ڪري سگهيو آهي، عدالت ايس ايس پي ايسٽ ۽ ايس ايچ او الفلاح سميت جاچ آفيسر کي حڪم ڏئي ته ڌي کي بازياب ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.