واپڊا جي نااهلي سبب پاڪستان کي ڪروڙين ڊالرن جو نقصان

لاهور (عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو واپڊا جي نااهلي سبب سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻيءَ  جوسنگين بحران ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ صحافي ذوالفقار علي مهته پنهنجي وي لاگ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته واپڊا کي هر سال آڪٽوبر ۽ نومبر  ۾ تربيلا ، منگلا ۽ چشما ڊيمن جي پاڻي سطح لاءِ  سروي ڪري ڊيمن ۾ موجود پاڻيءَ  جي سطح بابت  ارسا کي ڄاڻ  ڏيڻي هوندي آهي پر گذريل سال واپڊا اها زحمت ئي نه ڪئي، نتيجي ۾ طور ربيع جي مند ۾ جڏهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي کوٽ 40 سيڪڙو ٿي وئي ته ارسا تربيلا مان سنڌ ۽ پنجاب کي پاڻي  ڏيڻ شروع ڪيو ۽ 40 سيڪڙو کوٽ گهٽائي 20 سيڪڙو ڪري ڇڏي، جڏهن تربيلا مان پاڻي نيڪال ٿيو ته هڪدم پاڻي وهڪرو گهٽجي ويو ۽ اها خبر ڌماڪو بڻجي سنڌ ۽ پنجاب جي آبادگارن مٿان ڪري ته تربيلا مان ڏيڍ لک ايڪڙ فٽ پاڻي گم آهي ۽  ڊيم ۾ پاڻي صرف 1392  ڪيوسڪ معنيٰ  ڊيڊ ليول تي آهي، ان جو هڪ سبب ڊيم ۾ لٽ پوڻ به آهي جنهن جي صفائي به نه ڪئي وئي وري منگلا مان پاڻي نيڪال ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ڊيمن جي ريڊنگ ٽيبل ارسا وٽ نه هئي ان ڪري اوندهه ۾ فيصلا ٿيندا رهيا، خبر پئي ته چشما ڪئنال مان جن ٻن بجلي گهرن کي پاڻي ملندو هو اهي به پاڻي نه ملڻ سبب بند آهن نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪڻڪ  جو پچي راس ٿيل فصل پاڻيءَ جو آخري ريج نه ملڻ سبب تباهه ٿي رهيو آهي، سنڌ پنجاب جي آبادگارن جن يوريا ڀاڻ  بليڪ تي وٺي فصل تيار ڪيو هو انهن جا مٿي تي هٿ آهن، ڇو ته پاڻي کوٽ 47 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي.  بجليءَ  جو بحران الڳ آهي، ارسا جي ذريعن  جو چوڻ  آهي ته ملڪ جي 74 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو واپڊا جي سنگين غفلت يا انتظامي نااهليءَ  سبب پاڻي جو ملڪ ۾ سنگين بحران ٿيو آهي، جنهن جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته مونس الاهي آبي وسيلن جو وزير ۽ مزمل حسين واپڊآ چيئرمين هو.

وزيراعظم سان جملن جي ڏي وٺ بعد واپڊا چيئرمين مستعفيٰ

اسلام آباد(م ڊ) واپڊا چيئرمين رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل مزمل حسين عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، وزيراعظم ڏانهن لکيل خط ۾ مزمل حسين چيو آهي ته ذاتي ۽ خانداني مجبورين سبب عهدي تي وڌيڪ ڪم جاري رکي نه ٿو سگهان، واپڊا چيئرمين پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم، داسو ڊيم ۽ ٻين منصوبن تي منهنجي ٽيم مختصر عرصي دوران غير معمولي ۽ شاندار ڪم ڪيو، مزمل حسين چيو ته اهي غير معمولي ڪاميابيون حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ جي سهڪار ۽ دلچسپي سبب ممڪن بڻيون، ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ واپڊا چيئرمين وچ ۾ ڀاشا ڊيم تان جملن جي ڏي وٺ به ٿي هئي.

 پرويز الاهي جو سياسي آئيندو اونداهو ڪرڻ ۾ (ر) جنرل جو اهم ڪردار هو

لاهور (عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڏي حامي ۽ پرويز الاهي جو سياسي مستقبل تباهه ڪندڙ رٽائرڊ جنرل واپڊا چيئرمين مزمل حسين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، نامياري صحافي گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته جڏهن پرويز الاهي جا ماضيءَ جي گڏيل مخالف ڌر ۽ هاڻوڪي حڪومت سان معاملا طئه ٿي ويا هئا، پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير ڪرڻ تي راضپو ٿي ويو هو، بي اعتمادي رٿ به جمع ٿي وئي هئي ته صبح جو رٽائر جنرل مزمل حسين پرويز الاهي کي فون ڪري بني گالا پهچڻ جو چيو هو جنهن تي پرويز الاهي  آصف علي زرداري سان طئه ٿيل ٺاهه تان ڦري ويو هو، چيو وڃي ٿو ته رٽائرڊ جنرل مزمل حسين ذريعي ئي هڪ حاضر سروس جنرل عمران خان کي سياسي سهولتون مهيا ڪندو رهندو هو، ان ڪري مزمل حسين جي  مستعفي ٿيڻ سان عمران خان کي سياسي طور وڏو ڌڪ پهتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.