مڪاني چونڊون،سراج دراني ۽ ذوالفقار ڪماريو ۾سرچاءُ

شڪارپور(رپورٽ:ذوالفقار مگسي) شڪارپور ضلعي ۾مڪاني چونڊن جون سرگرميون شروع ٿي ويون.صوبائي وزير امتياز شيخ ڳڙهي ياسين تعلقي چيئرميني تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ پ پ شڪارپور جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو ۾هلندڙ اختلاف ختم ڪرائي ڇڏيا.صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ڳڙهي ياسين بابت ڪماريا-دراني خاندانن  ۾ پيدا ٿيل معاملا حل ڪيا ويا آهن،هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ جتي راڄوڻي اتحاد جي ضرورت ٿي، اتي اتحاد ڪنداسين ان لاءِ پارٽي قيادت کان اجازت ورتي آهي، جيئن لکي غلام شاهه ۾ جي يو آءِ سان اتحاد ٿيو آهي. هن چيو ته ڪو به اميدوار پارٽيءَ جي فيصلي سان اختلاف نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سنڌ دشمن آهن ۽ گذريل اليڪشن وانگر سنڌ جا ماڻهو پي ٽي آءِ کي هن ڀيري به رد ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.