ڪراچي جي اورنج لائن رٿا عبدالستار ايڌي جي نالي سان منسوب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ کاتن جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن کي 700 پلاٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته سنڌ کي حصي کان پاڻي گهٽ ملي پيو، 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل جي ضرورت آهي، پنجاب پاڻي کوٽ گهٽ ۽ سنڌ کي وڌيڪ منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهڙواظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ صدر فاضل جميلي ۽ ٻين عهديدارن سان گڏجاڻي ڪرڻ بعد صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي به موجود هو، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته هن چيو ته پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ڪا به پارٽي لبرل ناهي رهي، ميڊيا تي پابندين جي مزاحمت ۽ مخالفت ڪئي، پ پ  شهيد بينظير کان وٺي موجوده قيادت تائين صحافين لاءِ پلاٽ، علاج جون سهولتون ۽ اظهار جي آزادي لاءِ ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته عمران خان جو نالو تاريخ ۾ بدترين حڪمرانن ۾  لکيو ويندو، هن معشيت تباهه ڪئي، موجوده معاشي صورتحال ۾ نڪرڻ مشڪل آهي پر ناممڪن نه آهي،هوڏانهن  شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي 24 ڪلاڪ ڪم ڪري ھر حال ۾  بي آر ٽي عبدالستار ايڌي (اورنج لائين) جو سول ۽ اليڪٽريڪل ڪم 30 مئي تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اڄ بي آر ٽي اورنج لائين منصوبي جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجا بسترا هتي کڻي اچن ۽ بي آر ٽي ڊيپو تي پنھنجي ڪئمپ آفيس قائم ڪن. هن چيو ته هو هفتي ۾ ٽي ڏينھن دورا ڪري رٿا تي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺندو. ھن چيو ته بي آرٽي اورينج لائين کي عبدالستار ايڌي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. بعد ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي الطاف ساريو، اورنج لائين ڪنسلٽنٽ ۽ ڪانٽريڪٽرن سان گڏ بي آر ٽي جي روٽ ۽ اسٽيشنز جو معائنو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.