آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ گھرجن: اسحاق ڊار

لنڊن (م ڊ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ گھرجن، ڊڪٽيشن نٿا وٺي سگھون، پيٽرول جي قيمت وڌائي عوام تي بار نٿا وجهي سگھون. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا هڪدم اگھه وڌائي عوام تي بار نٿا وجھي سگھون، آءِ ايم ايف چئي رهيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌايو، پيٽروليم شين جو سمورو بار عوام تي نٿا وجھڻ چاهيون. هن چيو ته گذريل حڪومت انتهائي سخت شرطن تي آءِ ايم سان معاهدا ڪيا، اسان کي ملڪ هلائڻو آهي ڊڪٽيشن وٺي ملڪ جو ٻيڙو ناهي ٻوڙڻو. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي حڪومت اٽي تي سبسڊي ڏيندي، جنهن سان ٻن ڏينهن ۾ اٽي جي قيمت گھٽ ٿيندي، خيبر پختونخواهه حڪومت کي به اٽي جي اگھن ۾ گھٽتائي ڪرڻ گھرجي. اسحاق ڊار چيو ته ملڪ جون هي حالتون گذريل حڪومت جي نااهلي جي ڪري ٿيون، تحريڪ انصاف جي حڪومت روينيو ناهي وڌايو، پي ٽي آءِ کي خبر هئي ته هوءَ حڪومت کان وڃي رهي آهي، ان لاءِ پيٽروليم اگهن ۾ گھٽتائي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل حڪومت رپئي کي کليل ڇڏي ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، مانيٽري پاليسي کي هڪ سيڪڙو ڪنٽرول ڪرڻ سان اربين رپيا پاڪستان کي بچندا آهن، مسلم ليگ ن جي حڪومت ڪيش فلو کي مينيج ڪيو، روپي کي کليل ڇڏڻ سان 4 هزار ارب رپين جو ملڪ کي نقصان ٿيو. اسٽيٽ بينڪ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ بابت قانون ۾ شين کي درست ڪرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.