ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف جي اڳواڻن حليم عادل شيخ ۽ فردوس شميم نقوي سميت ٻين جي درخواست تڪڙي ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري اليڪشن ڪميشن، سنڌحڪومت، مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 9 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو.ياد رهي ته تحريڪ انصاف مڪاني چونڊن جي شيڊول کي چئلنيچ ڪيو آهي.