ڪراچي ۾ موبائل فون ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب نوجوان زخمي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ موبائل فون ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب نوجوان شديد زخمي ٿي پيو. خواجه اجمير نگري ٿاڻي جي حد ۾ هڪ نوجوان 17 ورهين جو فيضان پٽ ممتاز پنهنجي موبائيل فون تي ڳالهائي رهيو هو ته اوچتو موبائيل فون جي اسڪرين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب نوجوان جي موبائيل فون کي سيز ڪيو ويو آهي ۽ واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.