افغانستان: مني بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت، 12 زخمي

ڪابل (اي پي پي) افغانستان ۾ مني بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا آهن. چيني خابرو اداري مطابق افغانستان جي ڏاکڻي صوبي فارياب ۾ هڪ مني بس  ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ذريعن  مطابق مني بس صوبي فرياب مان صوبي جوزجان ڏانهن وڃي رهي هئي پر ضلع گرزيوان جي علائقي گلبيان ۾ اها حادثي جو شڪار ٿي پئي.  ذريعن اهو به ٻڌايو ته سوڙهي رستي تي لاپرواهي سبب ڊرائيور  جي قبضي مان نڪري حادثي جو شڪار ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.