ميرپورماٿيلي ۾ عبدالطيف چڍڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ميرپورماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ) ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب تي خيرپور ۾ قتل ٿيل عبدالطيف چڍڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سوشل ورڪر علي حسن احسن چڍڙ احتجاج ڪيو ان موقعي تي سوشل ورڪر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات خيرپور ۾ مري برادري جي 15 کان وڌيڪ ھٿياربندن چڍڙ برادري جي هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر عبدالطيف چڍڙ مٿان حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ڊاڪٽر عبدالطيف چڍڙ قتل ٿي ويو سندن چوڻ ھو ته پوليس مري برادري جي ونگار وھندي جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري هن ايس ايس پي خيرپور، ڊي آئي جي سکر ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فورن گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري پاڪستان ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.