حيدرآباد ۾ پڪوڙن تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، زخمي ٿيل هڪ ٻيو نينگر زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ پڪوڙن جي دڪان تي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل هڪ ٻيو نينگر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران ٿيل فائرنگ ۾ قتل ٿيل معيز آرائين جو قتل ڪيس جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس داخل ٿيڻ وقت زخمي ٿيل هڪ ٻيو نينگر 10 ورهين جو عليان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. گذريل ڏينهن حيدرآباد جي نشاط سئنيما واري علائقي ۾ مڪراني ۽ يوسفزئي برادري جي ماڻهن وچ ۾ پڪوڙا وٺڻ جي معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي ۾ فائرنگ سبب گهٽي ۾ راند ڪندي سيني ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويل 9 ورهين جي معيز آرائين جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڦليلي ٿاڻي تي فوتي ٻارڙي جي والد محمد علي آرائين جي فرياد تي قلم 302، 34 پي پي سي تحت داخل ايف آئي آر ۾ پڪوڙن واري دڪان جي مالڪ فيصل مڪراني ۽ ان ٻن ڀائرن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف جهڙي ۾ فائرنگ سبب مٿي تي گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيڻ بعد سول اسپتال ۾ داخل 10 ورهين جو عليان به زخمن جا سور نه سهندي ڪالھ فوت ٿي ويو، جنھن جي مڙھه کي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو. ان سلسلي ۾ ڦليلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او  جهيڙي ۾ زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ داخل ٻارڙي عليان جي فوٽ ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هن ٻڌايو ته جهيڙي ۾ فوت ٿيل معيز جي ايف آئي آر سندس والد جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آهي، ٻئي فوتي ٻارڙي جا وارث جيئن ئي ٿاڻي تي ايندا ته ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي. واضح رهي  ته پڪوڙن جي دڪان تي مڪراني برادري جي طالب ۽ يوسفزئي برادري جي فيصل منڊا وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين فائرنگ ڪئي ۽ ان جي زد ۾ اچي 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ سيني ۾ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو هو ۽ ٻيو زخمي ٻارڙو ڪالھ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.17

  • ڄمون ڪشمير ڀارت ۾ پوليس ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا هنيا

ڄمون (اي پي پي ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير م ڀارتي پوليس 15 سال پراڻي ڪيس ۾ غير قانوني طور  تي نظربند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ محمد شريف سرتاج جي گهر ۽ آفيس تي ڇاپو هنيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پوليس 2007 ۾ درج هڪ ننڍي ڪيس جي سلسلي ۾ ڄمون جي علائقي سنجوان ۽ کٽڪان تالاب ۾ شريف سرتاج جي گهر ۽ آفيس تي ڇاپا هڻيا پوليس اهلڪارن نظربند اڳواڻن ۽ آفيس جي عملي کي خوفزده ڪيو ۽ موبائل فون ليپ ٽاپ ڪجهه دستاويز ۽ ٻيو مواد گڏ کڻي ويا پوليس ڄمون شهر جي حريت ڪارڪن رئيس احمد ملڪ جي گهر تي ڇاپو هنيو .

  • بلغراد ۾ پنهنجي سفارتخاني تي نيٽو جي حملي جهڙي سانحي تي ٻيهر دوران جي اجازت نه ڏني ويندي: چين

ڪوئيٽا  (اي پي پي) بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن ۾ اميدوارن طرفان ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن جي خلاف اعتراضن جي فيصلن جو سلسلو مڪمل ٿيڻ بعد اميدوارن جي نظرثاني فهرستون لڳايون ويون آهن.  اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊول مطابق اميدوار 9 مئي تائين دستبردار ٿي سگهندا. 10 مئي تي اميدوارن کي چونڊ نشان ڏنا ويندا ۽ 29 مئي تي بلوچستان جي ڪوئيٽا ۽ لسبيله جي علاوه سڄي بلوچستان جي سمورن ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.