لاڙڪاڻي ۾ جهيڙو، عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماهي شيخ ۾ پلاٽ جي مالڪي واري معاملي تان شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو ٿي پيو جتي ڪهاڙيون، لٺيون ۽ ڪنداق لڳڻ سبب پيرسن عورت صاحبه خاتون سندس ڌيءَ ممتاز خاتون، پٽ مجيد ۽ منور شيخ سميت ٻي ڌر سان واسطو رکندڙ بابر شيخ، شوڪت شيخ ، زرينه خاتون ۽ حميده خاتون شيخ سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پيرسن عورت صاحبه پنهنجي پٽن ۽ ڌيءَ سان گڏجي واقعي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هن دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ جي بااثر غلام نبي شيخ جي جڳهه ۽ پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪري ڳوٺ مان لڏائڻ چاهي ٿو جنهن اڄ صبح جي وقت گهر ۾ گهڙي اسان عورتن ۽ مردن مٿان ڪهاڙين، لٺين ۽ ڪنداق سان حملو ڪري مون سميت منهنجي ڌيءَ ممتاز خاتون ۽ پٽ مجيد کي زخمي ڪري گهر مان 50 هزار روپيه روڪ رقم، چار موبائيل فونون، ٻه بئٽريون کڻي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ڌمڪي ڏئي فرار ٿي ويا جن خلاف حد جي تعلقي ٿاڻي جي پوليس کي شڪايت ڪئي ان تي پوليس بااثرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ منهنجي پٽ غلام مصطفيٰ شيخ کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري روڪ رقم، موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل غلام نبي شيخ جي ڀاءُ محمد خان شيخ دانهيندي الزام لڳايو ته پيرسن عورت صاحبه شيخ جا پٽ ڳوٺ ۾ لوڙهي ڏئي رستو بند تي منع ڪرڻ تان تعلقي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڪهاڙيون هڻي اسان جي چئن ڄڻن بابر شيخ، شوڪت شيخ، زرينه خاتون ۽ حميده خاتون شيخ کي زخمي ڪرڻ بعد اسان مٿان ڪوڙا الزام لڳائي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.