مانجهند ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، انتظاميا غائب، ڇهين ڏينهن به ڌرڻو

مانجهند (رپورٽ : بابو عمراڻي)مانجهند ۾ پيئڻ جي پاڻي جو هٿرادو بحران شدت اختيار ڪري ويو پبلڪ هيلٿ کاتي چپ جو روزو رکي  آفيس کي اڻڄاتل هنڌان هلائڻ لڳا جنهن سبب عوام دربدري واري زندگي گذارڻ لڳو \ اهڙي عمل خلاف  ايس يو پي طرفان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ سولر سسٽم سميت  سهولتن  جي فقدان خلاف  ڇهين ڏينهن به شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر خلاف نعريبازي ڪئي وئي  ان موقعي تي اڳواڻن محمد عمر ابڙو يوسف عمراڻي علي نواز ڪنڀر فقير اعجاز ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت شھر ۾ هڪ مهيني کان پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ آھي اسڪيم جي تلائن ۾ گند ڪچرو ڀرجي ويو آھي پائيپ لائينون تباه ٿي ويون آھن فلٽر پلانٽ بند پيل آھن پر پبلڪ هيلٿ کاتي اکيون ٻوٽي ڇڏيون آھن جنهن سبب عذاب واري زندگي گذاري رهيا آھي هنن چتاء ڏنو ت فوري طور تي انجنيئر کي هٽائي  پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ٻي طرف ڪيمپ تي  صدر قومي امن ڪميٽي براء  بين المزاهب   هم آهنگي پاڪستان ضلع ڄامشورو يوٿ ونگ  جي صدر  حاجي سليم ميمڻ جسقم اڳواڻ اڪرم کوسو ن ليگ اڳواڻ لياقت ملاح پڻ يڪجهتي طور شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.