گهوٽڪي ويجهو جهيڙو، عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ ڳوٺ جيوڻ ڪولاچي ۾ ڪولاچي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو،لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ  سبب هڪ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي , گهوٽڪي تعلقه اسپتال منتقل، جڏهن ته زخمين ۾ راشد علي، ميرمحمد، صادق علي، مائي سڪينا شامل آهن، ان موقعي تي ڪولاچي برادري جي محمد حيات، راحب علي، ھدايت الله، مائي حڪيمان، مائي سڪينا، مائي صاحب خاتون احتجاج ڪندي  ٻڌايو ته اڳوڻي ڪائونسلر نور محمد ڪولاچي، مولوي رحمت الله ، گل حسن ڪولاچي ۽ ٻيا اسان جي گھرن تي حملو ڪري اسان جا ماڻهو زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته هو بااثرن آهن اسان مسڪين آهيون ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن  ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو آهي ته جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.