رتيديري ۾ موبائل فرنچائيز تان ڦر

رتوديرو (ت ر) رتيديري ۾ موبائل فرنچائيز تان ڦر ، هٿيار بند پنجاه هزار ۽ ٻه موبائل فون ڦر ڪري فرار : خبر موجب رتوديرو شهر جي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ واقع ٽيلينار فرنچائز تان ڏينهن ڏٺي جو ٻه نامعلوم هٿيار بند عملي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 50 هزار روپين کان مٿي روڪ رقم ۽ موبائل فونون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ فرنچائز ملازم عبدالباسط بروهي صحافين کي ٻڌايو ته منجھند جو وقت هو ٻه ٻٽ ٻڌل هٿياربند فرنچائز ۾ اندر گھري آيا جنهن مان هڪ ڄڻي کي پستول هيو جن هٿيارن جي  زور تي يرغمال بڻائي ڦر ڪئي ڦر واقعي جي رتوديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.