ٽنڊي الهيار ۾ پوليس ڪارروائي، 2 چور گرفتار

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) ٽنڊوالهيار  پوليس جي ڪاروائي مختلف هندن تان چوري ٿيل 4 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ٻن چورن کي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا۔ ڊي ايس پي عبدالقادر ميمڻ ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن مظهر مهدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي جي ھدايت تي شهر مان چوريون  ڪندڙ ڏوهارين خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آھن۔ هنن چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان چوري ۾ ملوث جوابدار پوپٽ ڪولهي ۽ شڪيل شيخ کي گرفتار ڪري وٽانئس هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون آهن  ھنن چيو ته ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو۔

  • حيدرآباد واسا جي مين لائين مان پاڻي ڀرڻ دوران هڪ نينگري ڪري پئي، معجزاڻي طور بچي وئي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ واسا جي مين لائين مان پاڻي ڀرڻ دوران هڪ نينگري ڪري پئي، معجزاڻي طور بچي وئي. واسا جي فلٽر پلانٽ تان نڪرندڙ پاڻي جي 54 انچن جي مين لائين جي نگراني نه ٿيڻ ۽ ڍڪ چوري ٿيڻ سبب چيمبر کليل آهن. ڪالھ مين لائين جي گهوڙا گرائونڊ وٽ کليل 13 نمبر چيمبر مان پاڻي ڀرڻ لاءِ آيل 13 سالن جي نصيبو ڌيءُ نارائڻ باگڙي پير ترڪن سبب ڪري مين لائن ۾ ٻڏي وئي، جنھن بابت اطلاع تي ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس پهتي، جن واسا اختيارين سان رابطو ڪري مين لائن جو پاڻي بند ڪرائي نينگري جي ڳولا ڪئي وئي، جنھن کانپوءِ 5 ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ نينگري چيمبر نمبر 14 مان ڪڍي بچايو ويو، ان سلسلي ۾ ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته معجزاڻي طور نينگري کي زندا سلامت ٻاهر ڪڍيو ويو. هن ٻڌايو ته 13 نمبر چيمبر ۾ ڪري ٻڏي ويل نينگري 14 نمبر ڊفينس ٽو ويجهو واري چيمبر مان ڪڍي بچايو ويو آهي.

  • ٿرڙي محبت ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ مسو خان جلباڻي ۾ پلاٽ کڏ جي معامري تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين غلام شبير لاشاري ۽ علي گوهر لاشاري ۾ جهيڙو ٿئي پيو آهي ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب اياز علي گوهر سميت چار ڄڻا زخمي ٿئي پيا جڏهن ته زخمين کي ٿاڻي تي اڻڻ وقت هڪ ڌر جو ٿاني تي گرفتار ٿيل غلام شبير لاشاري ۽ ٻين پوليس جي موجودگي ۾ حملو ڪري ڏنو پوليس وچ پئي وڏو جهيرو ٽاريو ۽ ٿاڻي تي حملو ڪندڙن مان ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻنھي ڌرين جي ٻن ٻين ڄڻڻ گرفتار ڪري ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي . شهر ۾ ڪشيدگي سبب ٻين شهرن راڌڻ ۽ ميهڙ مان وڌيڪ پوليس گهرائي ويئي آهي جڏهن ته زخمي ٿيلن کي ليٽر ڏيئي تعلقا اسپتال ميهر منتقل ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.