سلطانپور ۾ مقتول ڀورل ملڪ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

سلطانپور (ن ع آ)سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني ۽ چورن هٿان ڀورل ملڪ جي ٿيل قتل خلاف مقتول جي وارثن ,علائقي واسين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران ڌرين پاران مولوي اختيار احمد انڍڙ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني وڌي رهي آهي پر ڪينٽ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه پئي ڪري هنن چيو ته گذريل رات ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ وارث ڏنو ملڪ ۾ ڳوٺاڻي ڀورل ملڪ کي چورن پاران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جنهن جو ڪيس نامزد جوابدارن مٿان  داخل ڪيو ويو پر پوليس جوابدارن جي سهولتڪار بڻيل هئڻ سبب کين گرفتار نه ڪري سگهي آهي مظاهرين ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او ڪينٽ کي فوري طور هٽائي اهل آفيسر مقرر ڪري مقتول ڀورل جي خون سان انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.