لاڙڪاڻي مان پيرسن جو لاش هٿ، لاوارث قرار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد کچي امام بارگاهه ڀرسان پيرسن جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اهڙو  اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد ايڌهي انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو جن طرفان لاش کي لاوارث قرار ڏيڻ بعد غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته هٿ آيل لاش هيروئني جو لڳي رهيو آهي جنهن جي وارثن جو ڏس پتو نه پوڻ تي لاش ايڌهي انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو جن لاش کي لاوارث قرار ڏئي دفنائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.