ڏھرڪي جي داد ڦاٽڪ تي نوجوان ٽرين ھيٺان اچي فوت

ڏھرڪي (ت ر) ڏھرڪي جي داد ڦاٽڪ تي نوجوان ٽرين ھيٺان اچي فوت، لاش گھر ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. خبر موجب ڏھرڪي جي داد  ڦاٽڪ لڳ ميگھواڙ برادري جو شادي شدہ نوجوان تيرٿ جي مال گاڏي ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو آھي.  حادثي بعد ريلوي ۽ ڏھرڪي پوليس واقعي واري ھنڌ پھڇي فوتي جو لاش واقعي واري ھنڌ کان کڻائي ڏھرڪي اسپتال مان ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. فوتي جو لاش اوٻاوڙو جي بشير آباد واري علائقي ۾ سندس گھر ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو فوتي ٽن ٻارن جو پيءُ ھو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.