لاڙڪاڻي ويجهو حادثو، هڪ ٻارڙي فوت، 3 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ويجهو عاقل باءِ پاس تي تيز رفتار موٽرسائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ فريدآباد واسي نوجوان رياض حسين ڀٽو سندس جي گھر واري راڻي خاتون، سندن 5 سالن جي  ڌيءَ فضا بيبي ۽ 3 سالن جي ڌيءَ فوزيه بيبي سخت زخمي ٿي پيا جن کي حد جي ٿاڻي جي پوليس زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي زخمي معصوم ٻارڙي فضا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي ۽ زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي فوتي ٻارڙي جي وارثن ٻڌايو رياض حسين پنهنجي ٻارن سان گڏ چوهڙ پور پنهنجي سهري جي گهر کان واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته عاقل باءِ پاس تي تيز رفتاري سبب سندس موٽرسائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن فوتي ٻارڙي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.