فيض گنج ويجهو ناري پاران مبينا آپگهات، مڙس تي مارڻ جا چوٻول

فيض گنج (ن ع آ) فيض گنچ جي ڳوٺ  شاھد آباد۾ نوجوان ناري پاران مبينا آپگھات لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو ڳوٺ شاھد آباد ۾ ويهھ سالا پنجن مھينن جي ٻار جي امڙ پسٽل جو فائر  ڪري زندگي جو انت آڻي  ڇڏيو آھي ناري عيد ملھائڻ   لاءِ پنھنجي پيءُ جي گھر آيل هئي،  جتي ان مبينا طور آپگھات ڪيو آھي، ناري جي والد محمد شريف لاشاري چيو ته منھنجي ڌي خودڪشي  ڪئي آهي، گھر ۾ ڪو به جھيڙو ناھي ٿيو. ناري جي لاش کي فيض گنج پوليس رورل ھيلٿ سينٽر فيض گنج منتقل ڪيو آھي جتي ان جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ناري جي مڙس صاحب خان لاشاري چيو ته مان گھر ۾ نه ھيس منھنجي گھر واري پسٽل سان فائر  ڪري آپگھات ڪيو آھي، جڏھن ته ڳوٺ ۾ ناري کي مڙس ھٿان قتل ڪرڻ جا چوٻول  پوليس ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ھي واقعو ڏينھن جو 2 بجين ٿيو آھي پر پوليس کي پنجين بجين اطلاع ڏنو ويو، رورل ھيلٿ سيٽر ۾ ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه ھجڻ سبب لاش پوسٽ مارٽم لا  اسپتال ۾ پيل آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.