ٻن اڍائي مهينن بعد مهانگائي اڃان به وڌيڪ وڌندي: پير پاڳارو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) چار، پنج سال اڳ ئي چيو هو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو وري ٻيهر چوان ٿو ته ٻن اڍائي مهينن بعد مهانگائي جو  طوفان ايندو عوام مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاء تياري ڪري، ڪرونا وائرس اڃان ختم ناهي ٿيو عوام احتياط ضرور ڪري اهڙو اظهار حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي سربراه پير پاڳاري المعروف پير صبغت اللہ شاہ عيدالفطر جي موقعي تي پيرڳوٺ ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل لکين مريدن ۽ عقيدتمندن کي روحاني خطاب ڪندي ڪيو. پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته مليريا بيماري جڏهن آئي هئي ته ڪيترائي ماڻهو مري ويا ان جو علاج به دريافت ٿيو پر مليريا اڃان به آهي. ڪرونا وائرس به ائين هلندو رهندو. پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيو، ۽ نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريو ڇو ته نياڻين جي تعليم اڳتي کين ضرور ڪم ايندي. پاڻ ۾ پيار، محبت امن ۽ ايڪي سان رهڻ گهرجي. ان موقعي تي ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاء دعا پڻ گهري وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.