سنڌ واسي پاڻي کوٽ سبب پريشان آهن:ع ج پ

گلشن اقبال (ن ع آ) پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ارسا سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻ ۾ ناڪام  وئي آهي اهڙن خيالن ع ج پ اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو سچل ڳوٺ ۾ ڪارڪنن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هڪ زرعي صوبو آهي ان ۾ 55 سيڪڙو پاڻي کوٽ صوبي جي هاري ۾ آبادگار کي تباهه ڪري ڇڏيندو سنڌ اندر نه صرف زرعي پاڻي جي قلت پر لاڙ ۽ ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو پڻ بحران پيدا ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جو عوام روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهي پر وفاق سنڌ سان پاڻي واري زيادتي تي خاموش آهي هر سال سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ سبب فصل سڙي وڃن ٿا ۽ اربن جو نقصان ٿئي ٿو ۽ سمنڊ هزارين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي وڃي ٿو سنڌ جي وڏن بئراجن ڪوٽڙي، گڊو، سکر ۽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ جي ڪري سنڌ جو جر کارو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو هاڻي زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي ازالو ڪري ٻي صورت ۾ سنڌ سخت احتجاج ڪندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.