پرامن ڪارڪنن کي جيل ۾ وڌو ويو آهي:جسقم اڳواڻ

حيدرآباد ( پ ر ) سائين جي ايم سيد جي 27 ورسي جي اسيرن جي جي ضمانت جي درخواست تي اي ٽي سي هڪ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي  ٿي ضمانت واري درخواست تي ايڊووڪيٽ مير منگريو، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوحاڻو سميت سنڌ جي ساڃانھ وند هڪ سئو کان وڌيڪ وڪيلن ايڊووڪيٽ پرويز قريشي، ظفر علي چانڊيو، ايڊووڪيٽ فهيم انڙ ،ايڊووڪيٽ خدا بخش ٿيٻو،ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، ايڊووڪيٽ عادل شاہ ۽ ٻيا ڪيس جي پوئيواري لاءِ پهتا، جڏهن ته ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ مير منگريو ۽ ايڊووڪيٽ اندرجيت لوحاڻو دليل ڏنا، جنهن تي ڪورٽ ضمانت جي درخواست تي آڊر 10 مئي جي تاريخ تي رکي ڇڏيو. جڏهن ته جيل ۾ قيد سن جي اسيرن کي جيل مينوئل مطابق سهولتون نه ڏيڻ تي وڪيلن پاران درخواست داخل ڪئي وئي جنهن تي جج صاحب 10 مئي تي جيل سپرينڊنٽ کي به ڪورٽ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، آڪاش ملاح، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوحانو سان گڏ ڪورٽ پهتا، ان موقعي تي جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام شام چيو ته پرامن ڪارڪن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري جيل ۾ قيد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته جيل ۾ قيد اسيرن کي جيل مينوئل مطابق سهولتون به نٿيون ڏنيون وڃن اسيرن کان لکين روپيا رشوت ورتي وئي آهي، جڏهن ته ڪورٽ ٻاهران، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نديم مهدي، عادل شاھ، سينئر صحافي سارنگ زين چانڊيو، علي بخش ڪابورو، اياز ديشي جو والد معشوق ڪلھوڙو، پير گلزار شاھ جيلاني جو فرزند جي ايم سيد، نياز نظاماڻي، بشير خاصخيلي سميت سوين اسيرن جي وارثن سميت جسقم ڪارڪن موجود هئا جڏهن ته جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ، آڪاش ملاح حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ اسيرن جي ملاقات پڻ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.