وزارت جو ڪريڊٽ عوام ڏانهن وڃي ٿو:شازيا مري

سانگهڙ (ڊ ر) سانگھڙ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي عمران خان نيازي جنھن به طريقي سان  اقتدار ۾ اچي ڪري  وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويٺو رھيو ان ماڻهو ھڪ ڏينهن به ڪنهن جي عزت نه ڪئي ۽ هو هر روزماڻهن کي بيعزت ڪرڻ ۽ گاريون ڏيندو ھو.اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل رات سانگهڙ ضلعي جي کپري تعلقي جي ڳوٺ جمال آباد ۾ پ پ پ اڳواڻ عمر گل هنڱورجو کيس وفاقي وزارت ملڻ جي اعزاز ۾ ڏنل شاندار استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير شازيا مري جو چوڻ ته ماضي ۾ عمران خان چوندو هو ته خودڪشي ڪندو پر آءِ ايم ايف وٽ قرض لاءِ نه ويندو جڏهن ته هو آءِ ايم ايف وٽ ويو ۽ قرض  لاء سمورا سخت شرط پڻ قبول ڪيا. هن چيو ته اسان سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ ايندڙ سمورين چونڊن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو آهي ۽ اسان کي متحد ٿي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته شهيدن جي فلسفي کي اڳتي وڌائينداسين ۽ پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائينداسين. وفاقي وزير شازيا مري چيو ته وزارت يا عهدو ملڻ جو اصل ڪريڊٽ منهنجي حلقي جي غريب عوام کي وڃي ٿو ۽ مون ڪڏهن به ڪرسي ـ وزارت يا پارٽي جي ڪنهن به عهدي جي لالچ ناهي ڪئي، مون ان وقت به عوام جي خدمت ڪئي آهي جڏهن مون وٽ ڪو به عهدو نه هو ـ ھن چيو ته وزارت جو عهدو حاصل ڪرڻ اسان جي منزل ناهي پر سانگهڙ ضلعي جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي منزل آهي ۽ اسان اڄ به ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهيون، جمال آباد پهچڻ تي وفاقي وزير جو شاندار گلن جي ورکا ۽ شاندار آتشبازي سان استقبال ڪيو ويوـ ان کان اڳ وفاقي وزير شازيه عطا مري جي قيادت ۾ گذريل رات تعلقي کپرو جي يو سي حمزو درس جي مختلف برادرين جي ماڻهن پاران پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان لاء تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.