هالا ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جي ورسي، ڀيٽا پيش

هالا (ن ع آ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي باني اڳواڻ مرحوم ڊاڪٽر محمد نواز ڳاھوٽي جي ٻي ورسي سندس ڳوٺ ٻاروچو باغ ۾ ملھائي ورسي  جي پروگرام جي صدارت ايس ٽي پي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري حيدر ملاح ڪري رھيو ھو. ورسي پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ۽ علائقي واسي شريڪ ھئا پروگرام جي شروعات کان اڳ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڊاڪٽر محمد نواز ڳاھوٽي جي قبر تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي فاتحہ خواني ڪئي پروگرام ۾ خطاب ڪندي اڳواڻن ڊاڪٽر محمد نواز ڳاھوٽي جي قومپرست جدوجھد تي روشني وڌي پروگرام جي صدارتي خطاب ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري حيدر ملاح جو چوڻ ھو تہ ڊاڪٽر نواز ڳاھوٽي پنھنجي سموري زندگي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن لاء جدوجھد ڪندي گذاري ڊاڪٽر نواز ڳاھوٽي اھو قومپرست اڳواڻ ھو جيڪو نہ ڪڏھن جھڪيو نہ ڪڏھن وڪيو پاڻ جيلن جون صحوبتون بہ برداشت ڪيائون پر قومپرست جدوجھد کان ڪڏھن بہ پير پوئتي نہ ڪيائون ھن چيو تہ ڊاڪٽر نواز ڳاھوٽي سنڌ جي مسئلن پاڻي جي مسئلي . ٻٽي مڪاني نظام . ڌارين جي آبادڪاري توڙي ٻولي  جي مسئلي تي ٿيندڙ جدوجھد ۾ سدائين اڳڀرو رھيو سائين جي ايم سيد سان قومپرست جدوجھد جي شروعات ڪندڙ ڊاڪٽر نواز ڳاھوٽي آخري وقت تائين سنڌ ۽ سنڌين جي لاء جدوجھد ۾ اڳڀرو رھيو پروگرام کي ڊاڪٽر سومار مڱريو . ڄام شوڪت ابڙو . گوتم چنا . فنڪشنل ليگ اڳواڻ نصير ميمڻ . جسقم اڳواڻ رشيد ڏيٿو . سنڌ سڪار اڳواڻ سردار اياز ميمڻ . عبدالفتاح ڳاھوٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.