پنو عاقل لڳ نوجوان تي حملو ڪندڙ جوابدار پڪڙ کان آجا

پنوعاقل( رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل ريلوي ڦاٽڪ وٽ ٻه ڏهاڙا اڳ نوجوان احمد انڍڙ تي جوابدارن سعيد چاچڙ، اسد دايو، ماجد ميراڻي حملو ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو- هٿياربندن موٽرسائيڪل روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي نوجوان احمد انڍڙ مزاحمت ڪئي ته ڦورو هٿياربندن مٿي ۾ بٽ هڻي کيس رتورت ڪيو هو کيس اسپتال ۾ زير علاج رکيو ويو اڄ پڻ طبيعت خراب ٿيڻ کانپوء ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر منتقل ڪيو ويو زخمي نوجوان جي والد علي اڪبر انڍڙ ٻڌايو ته پوليس هن مهل تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي وري ايف آئي آر داخل ڪئي آهي منهنجو پٽ سخت تڪليف ۾ آهي، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي گذارش ڪيان ٿو ته حملي آور جوبدارن کي لاڪ اپ ڪيو وڃي مونکي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.