سکر پوليس طرفان ڪچي مان مغوي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو)ايس ايس پي سکر جي هدايتن تي سکر پوليس شاهه ٻيلي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ڪاروائي دوران ٻه ڏينهن اڳ پنو عاقل مان اغوا ٿيل مغوي عبدالجبار سميجي کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي، واضع رهي ته بازياب ٿيندڙ مغوي کي عيد جي پهرين ڏينهن نامعلوم ڌاڙيلن پاران اسلحي جي زور تي اغوا ڪري ڪچي منتقل ڪيو ويو هو ۽ سندس بازيابي لاءِ وڏي ڀنگ گهري وئي هئي، جنهن کانپوءِ سکر پوليس ڪچي ۾ ڪاروائي ڪندي مغوي کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي.

  • سکر مان 15 ڏينهن اڳ گم ٿيل ٻن سالن جو نينگر عبدالرئوف ٽانوري هٿ اچي ويو

سکر(رپورٽر) سکر جي غريب آباد بازار مان 15 ڏينھن اڳ گم ٿيل ڳوٺ ڊرٻ ٽانوري واسي  2 سالن جو معصوم نينگر عبدالرئوف ٽانوري ھٿ اچي ويو آهي. ان ڏس ۾ وارثن موجب کيس نامعلوم شخص ڀرواري ڳوٺ ۾ ڇڏي ويا. واضع رهي ته عيد کان اڳ نينگر خريداري دوران والدين کان وڇڙي ويو ھو. جنھن سبب نينگر جا والدين روئي روئي بيحال ٿي ويا ھئا. سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد جي بازار مان گم ٿي ويل 2 سالن جي معصوم نينگر عبدالرئوف ولد عبدالوحيد ٽانوري جي ھٿ اچڻ بعد سندس گھر ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آھي. نينگر جي وارثن پاران سندس واپسي جي تصديق ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته نامعلوم ماڻھو نينگر کي ڊرٻ ٽانوري کان ڪجھ فاصلي تي ڀرواري ڳوٺ ۾ ڇڏي ويا. جن اسان کي اطلاع ڪيو اسان نينگر کي کڻي آياسين.

  • صحافي حيدر پلهه کي ڪراچي پوليس ظاهر ڪري ڇڏيو

پڊعيدن (ن ع آ) صحافي ڪوشش رپوٽر حيدر پله کي ڪراچي سي ٽي پوليس ظاهر ڪري  ڇڏيو، سندس ڀاءُ صحافي سهيل پله جي تصديق پڊعيدن مان ڪجه ڏينهن اڳ صحافي حيدر پله کي پڊعيدن مان ۽ تعليم کاتي جي ڪلارڪ زاهد مري کي نوشھروفيروز مان کنڀي گم ڪيو ويو هئو,اڄ ٻنهي کي ڪراچي سيون ايٽي جو ڪيس داخل ڪري ڪراچي جي اي ٽي سي ون ڪورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آھي, ٻئي پاسي صحافي حيدر پله جي ڀاءُ سهيل پله ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي اسان جو ڀاءُ حق سچ جي صحافت ڪندو آھي ان کي ۽ صحافت کي دٻائڻ جي لاءِ منهنجي ڀاءُ تي دهشت گردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو جيڪو ڪوڙو آھي اسان سپريم ڪورٽ پاڪستان ۽ مختلف ادارن کان گهر ٿا ڪيون ته انڪواري ڪرائي ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.