لکي لڳ پوليس پاران مغوي نوجوان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

لکي غلام شاھ(ت ر) لکي غلام شاھ لڳ محمود آباغ ٿاڻي جي پوليس عامل ڀرسان ڪچي واري علائقي مان پنوعاقل مان اغوا ٿيل نوجوان  عبدالجبار سميجو کي مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوىٰ ڪئي  آھي.شڪارپور پوليس بازياب ڪرايل نوجوان کي سکر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو .پوليس موجب ڏوهارين جو هڪ ٽولو مغوي نوجوان کي شاھ ٻيلو مان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي محمود آباغ پوليس پهچي مقابلي ۾ مغوي کي زنجير لڳل حالت ۾ ڇڏائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.