حيدرآباد ۾ مبينا طور 2 نوجوان کنڀي گم

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مبينا طور تي ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ڪينٽ ٿاڻي جي حد صدر واري علائقي مان ٻن نوجوانن “آ ۽ ل” کي مبينا طور تي اڻڄاتل ماڻهن پاران کنڀي گم ڪرڻ جا افواهه هلي رهي رهيا آهن، ٻنهي نوجوانن جي حوالي سان ٻڌايو وڃي ٿو ته هو شاگرد هئا ۽ حيدرآباد جي مشهور راوي حليم واري علائقي ۾ رهندڙ هئا، پر نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ جي حوالي سان لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس ڪا به تصديق نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وري نوجوانن جي وارثن پاران اهڙي ڪا شڪايت رات دير تائين سامهون آئي هئي.

  • ڊرگ روڊ ڪينٽ بازار  واري علائقي ۾ 24 ورهين پاران آپگهات

ڪراچي ( اي پي پي)ڊرگ روڊ ڪينٽ بازار جي ڀرسان هڪ گهر ۾ 24 ورهين جي نوجوان عمر فاروق پٽ چن بلال پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو ،واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي  ڇيپا جي رضا ڪارن  ذريعي پوسٽ مارٽم جي لاءِ لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.