لاڙڪاڻي ۾ 6 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڄام شوري مان 6 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ماڏو جتوئي واسي نوجوان ڪفايت علي جتوئي جي آزادي لاءِ سندس وارثن لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نوجوان جي سئوٽ صدام حسين جتوئي پنهنجي مائٽن مهراب جتوئي، سجاد حسين جتوئي، زوار نور جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل عيدالفطر جي رات 3 ويگو گاڏين تي سوار ٿي آيل نامعلوم ماڻهن سئوٽ ڪفايت علي جتوئي کي ڄام شورو شهر مان هوٽل تان چانھ پيئندي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سندس معصوم ٻچڙا توڙي سمورا وارث سخت پريشان آهيون ۽ گهر ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. هن چيو ته ڪفايت علي جتوئي اڳ قومي ڪارڪن هيو، پر سال 2019ع ۾ هن قومپرست سياست کي الوداع ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿيو هيو، جيڪو ڄام شورو شهر ۾ گذريل 3 سالن کان کير جو دڪان هلائي گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي، جنهن کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل ڪفايت علي جتوئي کي آزاد ڪري گهر ڀاتين ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.