پنو عاقل مان اغوا ٿيل مغوي شڪارپور جي ڪچي مان آزاد

پنوعاقل(رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل مان اغوا ٿي ويل مغوي عبدالجبار سميجو شڪارپور جي ڪچي مان بازياب ، سندس وارثن پاران  بازيابي جي تصديق، رپورٽ موجب پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد مان چار ڏينهن اڳ عيد جي رات ڌاڙيلن پاران ڳوٺاڻي عبدالجبار سميجو کي اغوا ڪري ويا ھئا۽ سندس جي وڏي ڀاءُ فتاح سميجو کي مزاحمت ڪرڻ تي زخمي ڪري ڇڏي ويا ھئا، اڄ سکر پوليس پاران دعوا ڪئي وئي آهي تہ مغوي نوجوان   عبدالجبار سميجو کي شڪارپور جي ڪچي مان ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو ويو آهي جنهن کي شڪارپور جي محمود آباد ٿاڻي تي آندو ويو آهي ، جڏهن مغوي جي  وارثن پاران به نوجوان جي بازيابي جي تصديق ڪئي وئي آهي  مغوي جي وارثن چيو ته ايس ايس پي سکر جي آفيس ۾ مان فون آيو آھي ته مغوي نوجوان کي بازياب ڪرايو ويو آھي ايس ايس پي آفيس پھچڻ جو چيو ويو، جڏهن ته علائقي۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته مغوي جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ٿي آھي  ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.