ميرپورماٿيلي ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: نصرالله گڏاڻي)ڳوٺ پير بري جي رھواسي بوزدار برادري جي سوين مرد ۽ عورتن گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري پھريان  ميرپورماٿيلو پريس ڪلب ڪلب آڏو ۽ بعد ۾ ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌار ڌار ڌرڻا ھنيا. ان موقعي تي جيئل بوزدار، حبيب الله ، غلام فاطمه ، مائي منظوران بوزدار ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ھڪ سال اڳ ۾ سندن جي نوجوان ضمير بوزدار کي قتل ڪيو ويو ۽ ٻه ھفتا اڳ وري ساڳي ڌر فائرنگ ڪري نوجوان نزاڪت بوزدار کي قتل ۽ نديم بوزدار کي زخمي ڪري ڇڏيو.ھنن چيو ته نوجوان جي قتل جو ڪيس سندس پيءُ جيئل بوزدار جي فرياد تي فداحسين بوزدار، اختر بوزدار، غفور بوزدار ۽ عبدالرزاق بوزدار سميت ست جوابدارن مٿان داخل ڪرائڻ باوجود خانپورمھر پوليس ھن مھل تائين ڪو ھڪ جوابدار به گرفتار نه ڪري سگھي آھي ۽ رشوت عيوض جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي. جڏھن ته سياسي مداخلت سبب ايس پي گھوٽڪي اظھر مغل جوابدارن جي گرفتار لاءِ رڪاوٽ بڻيل آھي. ھنن وسوارن کان جوابدارن کي گرفتار ڪري خانپورمھر پوليس خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪندي ٻي صورت ۾ نيشنل ھاء وي بلاڪ ڪرڻ جو ھنن چتاءُ ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.