سانگهڙ ۾ مڪاني چونڊن جي فارمن جي وصولي جاري

سانگھڙ (ڊ ر) سانگهڙ ضلعي ۾ بلدياتي اليڪشن جيڪو 26 جون تي ٿينڊو اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ فارم وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جيڪو 10 مئي تائين آهي سانگهڙ ضلعي ۾ جنرل اليڪشن هنجن يا  بلدياتي اليڪشن اصل مقابلو فنڪشنل مسلم ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ آھي گذريل 50 سالن تائين فنڪشنل مسلم ليگ بلدياتي ادارن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ حڪمران جماعت رهي آهي فنڪشنل مسلم ليگ جي مقامي قيادت پاران ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ورڪرن ڪي مسلسل نظر انداز ڪرڻ ته فنڪشنل مسلم ليگ جا ورڪرن حڪمران جماعت پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جو خادم حسين رند ضلع مقرر ٿيو ميونسپل ڪميٽي شہدادپور ٽنڊو آدم ۾ پيپلزپارٽي جا چيئرمين مقرر ٿيا 18 تاوڻ ڪميٽي ماڻ 16 ۾ پيپلزپارٽي جا چيئرمين مقرر ٿيا سنجهورو کدڙو. جھول ۾ پيپلزپارٽي جو ايدمنسٽر مقرر ڪيو ويو سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جو دلبر خان نظاماڻي چيئرمين مقرر ٿيو پيپلزپارٽي جي چيئرمين پيپلزپارٽي جي ورڪر ڪي بلدياتي فندز مان مالي طور تي مضبوط ڪيو فنڪشنل مسلم ليگ جو چيئرمين دلبر خان نظاماڻي سياسي ڪيس ۾ جيل ۾ قيد ٿي ويو جيل انتظاميه جيل دوران دلبر خان تي مفادن لاءِ پريشر رهيو هن وقت بلدياتي ادارن ۾ پيپلزپارٽي جا سياسي ماڻهو قابض آهن بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي سرڪاري وسيلي سان اليڪشن ۾ هوندي فنڪشنل مسلم ليگ جي قيادت هن وقت انتظار ۾ ويٺل آهي ته ڪو معجزو تي وڃي.

  • پي ٽي آءِ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندي:علي پلهه

ٽنڊوالھيار (  ڊ  ر )  پي ٽي آئي سڄي سنڌ سميت ضلعي ٽنڊوالھيار جي مڪاماني چونڊن ۾ ڀرپور  طرح حصو وٺندي ۽ پي پي پي سان مقانلو ڪنداسين۔ اھڙو اظھار پي ٽي آئي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري  علي پلهھ پارٽي جي ضلعي عھديدارن ۽ ورڪرن جي اجلاس دوران خطاب ڪندي ڪيو۔ ھن چيو تہ نہ شھري توڙي وارن علائقن ۾ پي ٽي آئي مضبوط ٿي چڪي آھي ۽ اسين ھر سيٽ تي اميدوار بيھارينداسين۔ ھن چيو تہ پي پي پي مخالف ھر اڳواڻ، راڄوڻي اتحادن، جي مشوري سان گڏيل اميدوار بہ بيھارينداسين۔ جڏھن تہ ھم خيال آزاد اميدوارن جي بہ مدد ڪئي  ويندي.

  •  ٽنڊي مير علي جي جيالي پاران آزاد اميدوار طور بيهڻ جو اعلان

ٽنڊوميرعلي(ن ع آ) ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوميرعلي جي اڳوڻي ناظم فيض محمدسيال کي پ پ طرفان ٽڪيٽ ن ملڻ کان پوءپنهنجي وارڊتي آزاداميدوارطوراليڪشن وڙھڻ جواعلان ڪندي  صحافين کي ٻڌايوت مان پ پ جوپراڻوڪارڪن آهيان ليڪن افسوس سان چوڻوٿوپوي هن وقت پراڻن ڪارڪنن کي مسلسل نظراندازڪرڻ سان پ پ کي وڏونقصان ٿيندوسنڌ۾12سالن کان پ پ جي حڪومت هوندي ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوميرعلي جي عوام جي اکين ۾مرچ وجهي ٽائون کي ڦريو۽لٽيوويوآهي هن وقت عوام هنن مان بيزارٿي چڪوآهي ۽ايندڙبلدياتي اليڪشن ۾پ پ کي سواءشڪست کائڻ جي ٻيوڪجھ ب حاصل ن ٿيندوهن وڌيڪ چيوت وارڊنمبر5جي عوام جي مونکي مڪمل حمايت آهي اهڙوريفرنڊم مون 8ڏينهن اڳ پنهنجي افطارپارٽي جي موقعي ڪرايوهيوجنهن ۾ملاح مجيداڻاعامرڦل سيال ۽ٻين برادرين پ پ کان مڪمل لا تعلقي ڏيکاريندي مونکي آزاداميدوارطورنامزدڪيوهيوانشاءالله ان عوام جي حمايت سان پوري وارڊکي ڪلين سوئيپ ڪري مخالفن جون وايون بتال ڪندس هن وڌيڪ چيوت ٽنڊوميرعلي جي عوام جي اڳ۾ب بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ھاڻي ب ڪندورهندس

  • ڀرياسٽي مڪاني چونڊون: پ پ مخالف ڌرين جو اجلاس

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ درياءَ خان جلباڻي ۾ پ پ مخالف ڌرين جو گڏيل اجلاس، ن ليگ اڳواڻ شڪيل خان جلباڻي جي  رهائشگاهه تي بلدياتي الڪيشن ڀرپور نموني گڏجي حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضي’  جتوئي جي ڊي اي اڳواڻ مقصود خشڪ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاھ اڳوڻي ايم اين اي اصغر شاھ  ‚  اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر ‚  اڳوڻي ايم پي اي احمد علي شاھ صاحب  غلام شبير مولھڻ   ن ليگ اڳواڻ شڪيل جلباڻي قمرزمان راڄپر  لالا ڪريم ڪاڪڙ سنڌ ميمڻ اتحاد جي چيئرمين سجاد امداد ميمڻ ۽ نثار احمد وسطڙو ۽ ٻين   شرڪت ڪئي ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تـ  ايندڙ بلدياتي  اليڪشن ۾ پ پ جي تڏا وڙيھ ڪرڻ لاء اسان سڀني کي متحد ٿي بيھڻو پوندو جنھن بـ يوسي ۾ جنھن اڳواڻ يا برادري جو اثر اصوڪ  ھوندو ان کي اڳيان آڻڻو پوندو . ھنن چيو تـ ھاڻ پ پ جي غلامي واري سياست کي الوداع چئي ڇڏيو آھي  پر اڃان تائين عوام کي پ پ سرڪار بيوقوف بڻائي ويٺل ھاڻ پ پ جي سنڌ ۾ مڪمل تڏا وڙيھ لاء تيار آھيون پاڻ برادرين ھم خيال پارٽين توڙي عوامي ماڻھن سان ملاقاتون ڪري ورتيون آھن بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين

  • ميروخان ۾ بلدياتي اليڪشن لاءِ تياريون جاري، سياسي سماجي ماڻهن سان ملاقاتون

ميروخان ( ن ع آ ) ميروخان ۾ بلدياتي اليڪشن لاء تياريون تيزي سان جاري آھن ٽائون ڪاميٽي جي چئن وارڊن تي جي ڊي اي اميدوارن جي ڪاميابي سميت حم خيال جماعتن سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ ۽ ٻين سياسي معاملن جي حل لاءِ جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري  ڊاڪٽر صفدر علي عباسي طرفان ميروخان جو دؤرو ڪيو ويو آھي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ميروخان جي مشهور سياسي شخصيت سيد مسرت علي شاھ جي رھائشگاھ تي پھتو، جتي جي يو آئي اڳواڻ مولانا منير احمد پنھور،  ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاء درخواست جمع ڪرائيندڙ شھاب الدين ڀٽي، سيد ارسلان شاھ ۽ محمد جمن ڪلھوڙو سان ميروخان ٽائون جي سياست تي تفصيلي گفتگو ڪئي ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته ميروخان جي ٽائون جي چئين وارڊن تي مشاورت سان اميدوار بيھارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون، ھن چيو ته 2015ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ ميروخان ۾ فنڪشنل ليگ چئين وارڊن مان 3 وارڊ کٽيا ھيا ۽ چيئرمين به فنڪشنل ليگ جو ٿيو ۽ ھن وقت به ڪوشش آهي ته جي ڊي اي ۽ ٻين جماعتن جا متفقه اميدوار ڪامياب ٿي اچن، ھن چيو ته ميروخان جو عوام اسان کي ڪافي موٽ ڏئي رھيو آهي ۽ پ پ جي ڪارڪردگي مان عوام مايوس آهي. ڊڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته جنهن قانون تحت بلدياتي اليڪشن ٿي رھي آهي اھو خود ھڪ ڊفيڪٽو قانون آهي ان حوالي سان مون ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪئي آهي ۽ ان قانون بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته ڪيتريون چيزون آرٽيڪل 140 تحت لوڪل باڊيز قانون جي منافي آهن ۽ انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت صوبائي ليول تي ھڪ سليڪٽو ڪميٽي ٺاهي ھئي جنهن پارليامينٽيرينز سميت جماعت اسلامي، پي ايس پي ۽ ٻين جماعتن کي چيو ھو ته ان قانون کي اسيمبلي ۾ آندو ويندو پر اڄ تائين ان تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو آهي ان قانون خلاف مون به اپيل داخل ڪئي آهي جڏهن ته جماعت اسلامي پي ايس پي, پي ٽي آئي ۽ ٻين جون اڳ ۾ ئي پٽيشنز داخل آهن جنهن تي اڃا تائين ڪو فيصلو نه آيو آهي پر پوء به اسان ھر ليول تي اليڪشن  لاءِ تيار آھيون..

  • ٿر ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پ پ اڳواڻ سرگرم

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) پ پ ضلعي ٿرپارڪر جا اڳواڻ بلدياتي اليڪشن لاءِ ميدان ۾ لهي پيا آهن،اُنهي سلسلي ۾ پ پ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي،پ پ ضلعي صدر انجنيئر گيانچند ٿاهراڻي،ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ تعلقن جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ سرگرم ٿي ويا آهن،جيڪي ڳوٺن ۽ شهرن جا دورا ڪري عوام سان گڏجاڻين ۽ صلاح مشورن بعد ٽڪيٽن لاءِ مليل درخواستن تي نالا شارٽ لسٽ ڪيا پيا وڃن،درخواستون ڏيندڙ اُميدوارن کي هٿ کڻڻ لاءِ راضي ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،اُنهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن پ پ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ڪالھ چوٿين ڏينهن به مٺي ۾ ملاڻي هائوس تي مختلف يونين ڪائونسلن جي معززين سان اهم گڏجاڻيون ڪيون،جتي مختلف يونين ڪائونسلن مان آيل معززين پاران ٽڪيٽن جي فيصلن جا اختيار پارٽي حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو،گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيل اڳواڻن موجب ته پارٽي قيادت جيڪو به فيصلو ڪندي اُهو قابل قبول هوندو،پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته پ پ جهموري پارٽي آهي،سمورا فيصلا سڀني جي راءِ ۽ احترام سان ڪيا ويندا،ڪارڪن پارٽي جي جان ۽ سونهن آهن، گڏجاڻين دوران شريڪ ٿيندڙ معززين بنا ڪنهن لالچ جي فيصلا پارٽي قيادت تي ڇڏي رهيا آهن جيڪا بهترين ڳالھ آهي،اسان وٽ هر پارٽي جو ڪارڪن پنهنجي اهميت رکي ٿو،اسان سڀ ڪارڪن آهيون،هتي ڪير وڏو يا ننڍو ناهي،گڏجي ڪم ڪنداسين،انشاءُ اللّٰه گڏجي سڄو ضلعو سوئيپ ڪبو.

  • پ پ قيادت گھوٽڪي جي اڳواڻن ۽ ورڪرن کي نئون ديرو ھائوس گھرائي ورتو

خانپورمهر (ت ر) گھوٽڪي  ضلعي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي تياري عروج تي,پ پ قيادت گھوٽڪي جي چونڊيل نمائندن ۽عھديدارن کي نئون ديرو ھائوس گھرائي ورتو، پ پ سنڌ  جو صوبائي صدر نثار کھڙو, وزيراعلي’ سنڌ جو خاص معاون سردادرزاده مير بنگل خان مھر، ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ,صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي، پ پ گھوٽڪي ضلعي جو صدر مير بابرعلي خان لنڊ پ پ اڳواڻ مير خان مھر  ۽ ٻيا نئون ديرو ھائوس پھتل. ايندڙ  مڪاني چونڊن ۾ اميدوارن جو حتمي اعلان , ٽڪيٽ ورھاست ۽چونڊن جي حڪمت عملي جوڙڻ  سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

  • پٿوري ۾ پي ٽي آئي اڳواڻن پاران مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون

پٿورو (ن ع آ )پٿورو آگوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ  ارباب غلام رحيم جي فرزند ارباب ابراھيم جا تعلقي پٿوري جي مختلف  ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون مختلف برادرين پاران حمايت جي يقين ڌياني پٿورو تعلقي جي مختلف ڳوٺن نيڪ محمد نوھڙي، لعل محمد رند، ڀورو ڪولھي، ڀائيخان نوھڙي ٻين ڳوٺن ۾ سابق وزير اعلي ارباب غلام رحيم جي فرزند ارباب ابراهيم جي پھچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ان موقعي ارباب غلام رحيم جي فرزند ارباب ابراھيم جو چوڻ ھوته اسان ارباب خاندان جو مشن کڻي نڪتا آھيون زرداري ليگ جو سج لھڻ وارو آهي  اسان جتي وڃي  رھيان آھيون اسان جو عوام ڀرپور نموني استقبال پيو ڪري عوام جو جوش جذبو ڏسي دل خوش ٿي آهي  اسان يوسي پير شاهه  ۽ يوسي ڇاڇرو ايٽ غلام حيدر شاهه  ۾ اسان پنھنجا اميدار سليڪٽ ڪيا آهن  اسان جي ڊي اي سان گڏجي ھر يوسي مان مقابلو ڪنداسين ان موقعي تي موسيٰ نھڙي ايڊو ڪيٽ ارباب جان محمد محمد نواز نھڙي ادريس نهڙي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

  • لاڙڪاڻو چونڊون: 136 کان وڌيڪ اميدوارن نامزدگي فارم وصول ڪيا

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ 136 کان وڌيڪ اميدوارن نامزدگي فارم وصول ڪيا، پيپلز پارٽي سميت مختلف سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين طرفان پارٽي ٽڪيٽ لاءِ اميدوارن جا نالا فائنل ڪرڻ لاءِ گڏجاڻين ۽ صلاح مشورا جاري آهن. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي چئن ٽائون ڪاميٽين ۽ تعلقي جي 46 يونين ڪائونسلن تي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سيٽن تي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جو سلسلو ڪالهه ڇهين ڏينهن به جاري رهيو جتي 97 کان وڌيڪ اميدوارن طرفان لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن کان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا آهن. لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن مان گڏ ڪيل انگ اکرن موجب دڙي ٽائون ڪاميٽي لاءِ 35، سچل ٽائون ڪاميٽي لاءِ 26، ايمپائر ٽائون ڪاميٽي لاءِ 10، حيدري ٽائون ڪاميٽي لاءِ 7 ۽ تعلقي لاڙڪاڻي لاءِ 58 کان وڌيڪ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن طرفان نامزدگي وصول ڪرڻ جي آخري تاريخ 9 مئي مقرر ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ اميدوارن طرفان وصول ڪيل نامزدگي فارم 10 کان 13 مئي تائين جمع ڪرايا ويندا ۽ بعد ۾ انهن فارمن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل شروع ٿيندو. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن ۾ اميدوارن جا نالا فائنل ڪرڻ لاءِ نئون ديرو هائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ليڊيز ونگ جي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي سربراهيءَ ۾ روزاني جي بنياد تي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن جي پارٽي اڳواڻن سان اميدوارن جي نالن کي فائنل ڪرڻ لاءِ اتحادين سان صلاح مشوري لاءِ گڏجاڻيون جاري آهن. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان هلندڙ هفتي لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن جي لاءِ اميدوارن جا نالا فائنل ڪري بعد ۾ انهن کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪيا ويندا جنهن لاءِ پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن جي ويجهو رهندڙ اميدوارن طرفان ڊڪ ڊوڙ ۽ رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. اجلاس ۾ پي پي پي سنڌ جو صدر ۽ سينيٽر نثار احمد کهڙو، پي پي پي سٽي لاڙڪاڻي جو صدر خير محمد شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ٻئي پاسي پي پي پي مخالف جي ڊي اي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان پڻ مڪاني چونڊن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورن تڪن تي پيپلز پارٽي جي اميدوارن سامهون پنهنجا اميدوار بيهارڻ توڙي انهن کي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي سربراهه ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺي هر تڪ تي پنهنجا اميدوار بيهاريا ويندا ان لاءِ اسان جي اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻو عوامي اتحاد ۾ شامل سمورن اتحادين سان صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن ۽ جلد لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اعليٰ سطحي گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.