وزن گهٽائڻ لاءِ نئين دوا جي آزمائش ڪامياب

 

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٿولهه جو شڪار ماڻهن جي انگ ۾ گھڻي تيزي سان واڌ رهي ٿي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ گھڻو تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي.

جسماني وزن گهٽائڻ لاءِ ماڻهو گھڻيون ڪوششون ڪندا آهن پر هي ايترو سولو ناهي هوندو، جڏهن ته هاڻي هڪ نئين دوا ان حوالي سان مددگار ثابت ٿي سگھندي.

آمريڪي ڪمپني للي جي تيار ڪيل دوا استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن جي جسماني وزن ۾ سراسري طور 22.5 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ٿي.

انساني جسم جو نظام گھڻو ڏکيو هوندو آهي ۽ جڏهن جسم کي توانائي جي ضرورت هوندي آهي ته هو هڪ هارمون گرالين خارج ڪندو آهي جيڪو اسان کي بک جو احساس ڏياريندو آهي.

کاڌو کائڻ کانپوءِ اسان جو جسم گھٽ مقدار ۾ ان هارمون کي تيار ڪندو آهي ۽ اهڙا هارمونز خارج ڪندو آهي، جيڪي پيٽ ڀرڻ جو احساس ڏياريندا آهن.

پر جڏهن ماڻهو جسماني وزن ۾ لاٿ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته پيٽ ڀرڻ جو احساس ڏياريندڙ هارمونز جو مقدار گھٽجي ويندو آهي ۽ بک وڌائڻ وارا هارمونز جو مقدار وڌي ويندو آهي، جنهن ڪري لڳاتار بک کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

للي جي تيار ڪيل دوا ٽيرز يپيٽائيڊ 2 هارمونز جي نقل تي ٻڌل آهي، جيڪي توانائي خارج ڪرڻ ۾ واڌ ۽ خوراڪ کائڻ جي مقدار ۾ گهٽتائي آڻين ٿا.

هن دوا تي ٿيندڙ ٽئين مرحلي جا ڪلينڪل ٽرائلز جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ان جي فائدن ۽ محفوظ هجڻ جي جاچ پڙتال شوگر کان محفوظ اڍائي هزار کان وڌيڪ بالغ ماڻهن تي ڪئي وئي هئي، جن جو جسماني وزن 105 ڪلو گرام هيو.

ٽرائل ۾ شامل 9 ملڪن جي ماڻهن کي هفتيوار  بنيادن تي هي دوا يا پليسبو 72 هفتن تائين استعمال ڪرائي وئي.

نتيجن مان خبر پئي ته انجيڪشن ذريعي ڏني ويل دوا سان ماڻهن جي جسماني وزن ۾ 22.5 سيڪڙو يا 24 ڪلو گرام لاٿ آئي.

ڪمپني پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي پهرين تجرباتي دوا آهي، جنهن جي ٽئين مرحلي جي ٽرائل دوران ماڻهن جي جسماني وزن ۾ 20 سيڪڙو کان وڏيڪ لاٿ آئي.

في الحال دوا تي تحقيق ڪمپني پاڻ ڪئي ۽ نتيجا ڪنهن طبي رسالي ۾ شايع ناهن ٿيا پر وڌيڪ تحقيق جا نتيجا به هاڪاري ٿيا ته هي ايندڙ سالن ۾ مارڪيٽ ۾ دستياب هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.