”آمريڪي پرڏيهي وزير جي فون تي بلاول ٽپا ڏئي رهيو آهي، اها ئي ته سازش هئي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مارچ ٿيڻ وارو آهي، جنهن جي سموري تياري ٿي چڪي آهي.

پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته اڄ آمريڪي پرڏيهي وزير جي فون تي بلاول ٽپا ڏئي رهيو آهي، اها ئي ته سازش هئي، جنهن جو ماڻهو حصو بڻيا، ڪجهه ڄاڻي واڻي ۽ ڪجهه اڻ ڄاڻائي ۾.

هن دعويٰ ڪئي ته عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو مارچ ٿيڻ وڃي رهيو آهي، مارچ جو سمورو پروگرام ٿي چڪو آهي، جنهن جنهن ماڻهن مسئلا ڪيا، انهن کي سامهون آڻينداسين.

سندس چوڻ هو ته راڻا ثناءُ الله کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري، اسان جو ڪو رتوڇاڻ جو ارادو ناهي، اسان جو حقيقي آزادي مارچ ملڪ کي غلامي کان آزاد ڪرائڻ جو مارچ آهي.

عمران اسماعيل چيو ته وڊيو واري ناني جي سدائين عادت رهي آهي، چوي ٿي سوئمنگ پول جي وڊيو آهي، وڊيو آهي ته سامهون آڻيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.