لاڙڪاڻي ۾ روڊ حادثي ۾ ٻارڙي فوت، ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ زخمي

 

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ تيز رفتار موٽر سائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ورهين جي ٻارڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس پيءُ ماءُ ۽ ٻي ڀيڻ زخمي ٿي پئي.

عاقل باءِ پاس تي پيش آيل حادثي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ فريدآباد واسي رياض حسين ڀٽو، سندس گھرواري ۽ سندن 5 سالن جي ڌيءَ فضا بيبي ۽ 3 سالن جي ڌيءَ فوزيا بيبي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي حد جي ٿاڻي جي پوليس زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال پهچايو.

زخمي ٻارڙي فضا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻين زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

هوڏانهن فوتي ٻارڙي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا، لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.