انگلش ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ محمد عباس تباهي آڻي ڇڏي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عباس خطرناڪ بالنگ جو سلسلو جاري رکيو آهي.

پاڪستاني فاسٽ بالر ٽورنامينٽ ۾ هيمپشائر طرفان گلوسٽر شائر جون 6 وڪيٽون ورتيون.

محمد عباس 17 اوورز ۾ رڳو 45 رنز ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون، جنهن کانپوءِ ميچ ۾ هيمپشائر جي کٽڻ جي اميد وڌي وئي.

ميچ جي پهرئين اننگز ۾ هيمپشائر 342 رنز ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ گلوسٽر شائر 179 رنز تي ڍير ٿي وئي، جڏهن ته هيمپشائر جي ٻي اننگز جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.