لالا تي تنقيد نه ڪيو: ڪامران اڪمل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي حق ۾ سامهون اچي ويو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪامران اڪمل اداڪار ڪاشف محمود جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته توهان جي عزت ڪريون ٿا پر اوهان اهڙي ريت لالا تي تنقيد نٿا ڪري سگهو، ڪرڪيٽر طور هن پاڪستان جي وڏي خدمت ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سندس پنهنجي راءِ ۽ خيال آهن، مهرباني ڪري اوهان سندس ڪرڪيٽ ڪيريئر کي سياست سان نه ڳنڍيو.

سندس چوڻ هو ته اسان سڀني کي هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي.

ياد رهي ته ڪاشف محمود ڪرڪيٽ جي تباهي جو ذميوار شاهد آفريدي کي قرار ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.