اتر ڪوريا طرفان نئون ميزائل تجربو

اتر ڪوريا عالمي پابندين جون ڀڃڪڙيون جاري رکندي مبينا طور تي هڪ نئون بيلسٽڪ ميزائل تجربو ڪيو آهي.

ڏکڻ ڪوريا موجب آبدوز سان لانچ ڪيل اهو ميزائل جوهري وار هيڊ سان ليس هجڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

هوڏانهن جاپان جي بچاءَ واري وزارت به پيونگ يانگ طرفان بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪرڻ جو ٻڌايو آهي.

جاپاني ڪوسٽ گارڊ وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل ميزائل پاڻين ۾ تقريبن 5 لڳي 25 منٽن تي ڪِريو هو.

واضح رهي ته اهو هلندڙ سال اتر ڪوريا طرفان 15هون ميزائل لانچ آهي.

گڏيل قومن جي ٺهراءَ موجب اتر ڪوريا کي اهڙو ميزائل تجربو ڪرڻ جي اجازت ناهي، جيڪو جوهري وار هيڊ سان ليس هجڻ جي صلاحيت رکندو هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.