ڏک جي ڳالهه آهي جو پ پ ووٽر حڪمران پارٽي کان ماتم ڪري پاڻي پيا گھرن: رياض چانڊيو

قومپرست اڳواڻ رياض چانڊئي چيو آهي ته ٽنڊو الهيار ضلعو ۽ چمبڙ تعلقو پ پ جو ڳڙهه آهي، ڏک جهڙي ڳالهه جو ووٽر پنهنجي حڪمران پارٽي کان ماتم ڪري جياپي لاءِ پاڻي گھري رهيا آهن.

چمبڙ ۾ پڇڙي جا آبادگار پاڻي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي، جن اڄ 10هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري پنهنجي حصو جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو پهچي ايڪي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي جسم چيئرمين رياض چانڊيو جو چوڻ هو ته احتجاجي ڪئمپ ۾ ويٺل پڇڙي جي آبادگارن جو معاشي قتلام ٿي رهيو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

سندس چوڻ هو ته ٽنڊو الهيار ضلعو ۽ چمبڙ تعلقو پ پ جو ڳڙهه آهي، ايم آر ڊي تحريڪ دوران هتان جي آبادگارن جيل ڪاٽي جمهوريت کي بچايو.

رياض چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڏک جهڙي ڳالهه جو اڄ پ پ جا ووٽر پاڻي خاطر پنهنجا اڃارا بکاريل پيران  اگھڙا ٻچن سان هٿن ۾ تيز ڌار وارا ڇرا هڻي ماتم ڪري حڪمران پارٽي کان جياپي لاءِ پاڻي گھري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.