مانجهند ۾ ايس يو پي جو پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ريلي، ڌرڻو

مانجهند ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

محمد عمر ابڙو، يوسف عمراڻي، علي نواز ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڇهين ڏينهن به شاهي بازار مان ريلي ڪڍي شهر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪري ايڪي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي وارن جي نااهلي سبب اسڪيم جي تلائن ۾ گندڪچرو ڀرجي ويو آهي، شهر جا فلٽر پلانٽ به هڪ مهيني کان بند پيل آھن، جنهن ڪري شهري قهر جهڙي گرمي ۾ اڃ وگھي تڙپي رهيا آهن.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته فوري طور تلائن جي صفائي سٿرائي ڪري فلٽر پلانٽ کولي شهرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.