اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ جي گهڻي حصي ۾ چوماسي برساتون معمول کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چوماسي برساتن ۽ گليشيئر ڳرڻ بابت قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اختيارين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
هن چيو ته ڏکڻ اولهه خيبر پختونخواهه ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ واڌو چوماسي برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏکڻ اولهه پنجاب ۾ به وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي.
سالانہ 22 ویں جنوبی ایشیائی موسمیاتی آؤٹ لک فورم (SASCOF) کی رپورٹ کے مطابق ملک کے بیشتر حصوں میں آئندہ چار ماہ کے موسم گرما کے مون سون (جون-ستمبر) کے دوران معمول سے زیادہ بارشوں کا امکان ہے۔ جس سے سیلاب کا خطرہ پیدا ہو سکتا ہے۔
3/4— SenatorSherryRehman (@sherryrehman) May 7, 2022
سندس چوڻ هو ته وڌيڪ برساتن سبب ڪوهه سليمان جي حصن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، ڏکڻ ۽ اوڀر سنڌ ۾ گهٽ برساتن سان ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۾ ڏڪار واري صورتحال ٿي سگهي ٿي.
شيري رحمان چيو ته گرمي پد ۾ واڌ سبب گلگت بلتستان ۽ اتر خيبر پختونخواهه ۾ برف وڌيڪ ڳرڻ جو امڪان آهي، اترين علائقن ۾ برف جي واڌو ڳرڻ سان ٻوڏ جو خطرو آهي، تنهن ڪري ماڻهن کي خطرن وارن علائقن مان ڪڍڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.